اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊه ۾ ڀارتي فوجين جي هٿان چار ڪشميري نوجوانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض عملدارن جي اها وحشياڻي ڪارروائي ڪشميرين جي خلاف ڀار?? جي غيرقانون?? ۽ ??ابراڻي ڪاررواين جو هڪ ٻيو مثال آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل ق??من جي س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ?? پرامن حلجي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارت?? ۽ ??خلاقي حمايت جاري رکندو.