اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نجي شعبي جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور شرڪت ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪر?? جي عزم کي ورجائيندي وزارتن کي ان حوالي سان هر ممڪن سهولت فراهم ڪر?? جي لا??ِ موجود قانونن ۽ عملن جو جائزو وٺ?? جي هدايت ڪئي آ??ي، وزيراعظم وزيرن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي پڻ اها هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل کاتن ۾ اهڙن ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪن جتي رڳو سهولتڪاري، قانونن کي آسان بڻائي يا گهٽ مالي وسيلا لڳائي ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو. هن اها هدايت ملڪ ۾ معاشي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان م??تل?? شعبن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪر?? جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.