اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي درگذر جو رويو اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي معاشري ۾ ترقي پسند سوچ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هيلٿ سروسز واري وز??رت طرفان وفاقي گادي واري شهر جي اسڪولن ۾ ٻارن جي ذهني دٻاءُ جي جائزي جي پروگرام سان ٻارن کي نفسياتي دٻاءُ ۽ مسئلن کان بچا??ڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آ?? ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ نوجوانن کي درپيش ذهني صحت جي چئلينجز ۽ ان جي حل ??ابت سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.