اسل??م آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪڻڪ (اٽو) بنيادي ضرورت آهي، ان حوالي سان عوام کي ڪنهن به قسم جي کوٽ کي منهن ڏيڻو نه پوي، ملڪي ??رورتن موجب ڪڻڪ پوري ڪرڻ کي يقيني بڻا??ڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي روڪٿام تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ جي صورتحال، ملڪي ??رورتن، موجوده اسٽاڪ ۽ مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.