اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيستائين ڀارت ڪشميرين کي انهن جو بنيادي خودمختياري جو حق نه ٿو ??ي ان سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر هوندا، راندين جو فروغ صحتمند معاشر?? جي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ انترنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سنئوڻ آهي، ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ڪرڪيٽ بحال ڪنداسين، وزيراعظم ڪرڪيٽ ڍانچ?? جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي، رانديون قومن ۾ اتحاد پيدا ڪن ٿيون ۽ دنيا آڏو معاشر?? جي مثبت ساک پيش ڪن ٿيون، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحالي سان پاڪستان بابت دنيا آڏو غلط بيانيو ڏيندڙن جا ارمان برباد ٿي ويا. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽيسٽ مئچ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته بنگلاديش ??ي ٽيم جو پاڪستان اچڻ خوش آئنده آهي.