اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ غيرت جي نالي تي قتل جي وا??عن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جهڙن وا??عن جو خاتمو ضروري آهي، ان سوچ کي دفن ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، تڪ جي عوام روزانو سياستدانن جو احتساب ڪري ٿي ۽ جن سياستدانن عوام کان ووٽ ورتا هوندا آهن اهي سمورا واعدا پورا ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻين ٿا، چئلينجز کي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عورت صحا??ين اهم ڪردار ادا ڪيو، عورت صحا??ين جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ضروري آهي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ميڊيا ۾ عورت صحا??ين کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.