اسلام آب??د ?? 27 آگسٽ (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس قومي سماجي ۽ معاشي رجسٽري جو سروي ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ جاري آهي، پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته ڪمپيوٽرائيزڊ طريقي سان گهراڻي جي سطح تي سماجي ۽ معاشي انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن، جديد طريقي سان غريب گهراڻن جي درست نشاند??ي ڪرڻ ناممڪن هوندي، خ??برپختونخوا ۾ احساس سروي جو باقاعده آغاز ڪرڪ ۽ مالاڪنڊ کان ڪيو ويو آهي.