ا??لا?? آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪ??بي??ا کي ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن ۾ تعليمي سرگرميون بحال ٿي وينديون ۽ ٽي ڪروڙ ٻارن جو اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو بحال ٿي ويندو، ڪ??بي??ا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪورونا جي خلاف حفاظتي تدبيرن سميت ماسڪ جي استعمال تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، وفاقي ڪ??بي??ا برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ کي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ اڏامون جاري ڪرڻ، ٽي سي پي طرفان درآمد ڪيل ڪڻڪ جي حوالي سان پري شپمينٽ ايجنسين کي پري شپمنٽ انسپيڪشن جي هڪڙو ڀيرو ۽ افغانستان جي حوالي سان تجويز ڪيل ويزا پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪ??بي??ا کي مالي سال 2018ع، 2019ع ۽ 2020ع ۾ حڪومتي قرضن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت کي ٽي کرب روپين جو قرض ورثي ۾ مليو، جنهن جون قسطون ادا ??رڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي وڌيڪ قرض وٺڻا پيا.