اسلام آ??اد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جو پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب پورو ڪري رهي آهي، شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تعمير جو ماڊل اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ??ادي تقريب ۾ فراش ٽائون اسلام آ??اد جي گهٽ لاڳت ۾ اپارٽمي??ٽس جي قرعه اندازي جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت غريب طبقي کي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي ۽ شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ ??ي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تعمير جي ماڊل کي اختيار ڪيو وڃي. فراش ٽائون منصوبو نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سي ڊي اي جي حصيداري سان مڪمل ڪيو پيو وڃي جيڪو ٻن هزار گهٽ لاڳت وارن اپارٽمي??ٽس تي ٻڌل آهي. هڪ ??پارٽمينٽ جي قيمت 32 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 3 لک رپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي جنهن جي ڪري في يونٽ لاڳت 29 لک رهجي ويندي. غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ اسلام آ??اد ۾ پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي سان اهو منصوبو مڪمل ڪيو پيو وڃي. اپارٽمي??ٽس جي خريداري جي لاءِ پرائيويٽ بئنڪون آسان قسطن تي قرضن جي سهولت پڻ ڏئي رهيون آهن. سبسڊي جي ڪري انهن اپارٽمي??ٽس جي ماهوار 13000 رپيا هوندي جڏهن ته مارڪيٽ ريٽ 38000 رپيا بڻجي ٿي. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ تقريب ۾ موجود هئا.