اسلام آباد – 07 R11; ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ بيلاروس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير اينڊدي ارمول??وچ سان الوداعي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.