??سل??م آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊسمبر تي قابض ڀارتي فوجن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري ??يڪٽر ۾ جنگبندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ??ي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان موجب سينيئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ??حتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري ??بادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالم?? انساني حقن ۽ بين الاقوام?? انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.