اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز اطلاعات واري ڪميٽي ۾ چيئرمين نيب جي طلبي کي کل جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو مقصد هر پليٽ فارم کي غلط استعمال ڪري نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، براڊشيٽ معاملي تي وزيراعظم عم??ان خان انڪوائري ڪميٽ?? قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا 45 ڏينهن ?? براڊشيٽ معاملي تي لاڳاپيل ماڻهن، ڪردارن ، وزيرن ۽ وڪيلن جي تحقيقات ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.