اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽ?? مشاهد الله خان جي لاڏاڻي سان ??يدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. سينيٽ ۾ سينيٽ?? مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي سينيٽ جي تعزيتي سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ساٿي جي لاڏاڻي تي سڀني کي ڏک آهي، هي ايوان ??ڪ خاندان ??انگر آهي ۽ خاص طور تي اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ ايوان جي ڪارروائي ۾ پنهنجي شرڪت ريعي متحرڪ ۽ فعال رهيو هجي ته ان جي کوٽ تمام گهڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته کي?? خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، کي?? شعر ۽ شاعري سان ??ڏو لڳاءُ هو. هن چيو ته موت برحق آهي. شبلي فراز چيو ته زندگي ۾ اسان جيڪي سٺا ڪم ڪريون ٿا ۽ جيڪو اسان جو اخلاق آهي، اهو ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.