اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر ڀارت پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعم??ل سان ڏوهن ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اه??ن خيالن جو اظهار هن پو??يس شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پو??يس جي شهيدن جي تقريب ۾ شرڪت فخر جوڳي آهي، پو??يس جي تمام گهڻين قربانين ۽ انهن جي مسئلن جو ادراڪ آهي. فوج ۽ پو??يس جي قربانين سان ملڪ ما?? دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪيو، پاڪستان جي فوج ۽ پو??يس پاڪستان کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجو رت پيش ڪيو. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ اسان کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جو امن برباد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ لاهور ??اقعي ۾ به ڀارت ملوث هو. ڀارت پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي. هن چيو ته آئون شهيدن جي خاندانن سان ٽيليفون تي رابطو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندو آهيان. مون کي فخر آهي ته شهيدن جا خاندان پنهنجي سپوتن جي شهادت تي فخر ڪن ٿا. دنيا جي ڪا قوم پنهنجي شهيدن ۽ ملڪ جي لاءِ ايتري محبت نه ٿي رکي. پاڪستان جي فوج ۽ پو??يس دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. دنيا جا سپر پاورز به دهشتگردي تي ضابطو آڻي نه سگهيا پر پاڪستان اڪيلي ان چئلينج تي ضابطو آندو. هن يچو ته پو??يس ڏوهاري ماڻهن جي خلاف هر اول دستو آهن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته انهن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعم??ل سان ڏوهن ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ڊرون ڪئميرا ۽ ٽيليفون ڊيٽا جي تجزيي سان ڏوهن جي جاچ ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد پو??يس جي زخمي اهلڪارن کي بهترين علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر پو??يس جي شهيدن جي پو??ئيرن کي ما??ي امداد ۽ ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ تي پو??يس کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد قوم کي نئين زندگي ڏين ٿا ۽ شهيدن جي ٻارن جي تعليم جي ذميواري رياست کي کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان صهيح فيصلن جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آندو ۽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ حالتون بهتر رهيون. عالم سڳورن، ميڊيا ۽ قوم جي تعاون سان حالتون ڪنٽرول ۾ رهيون. ڪرپشن قوم کي اڏوهي وانگر کائي وڃي ٿي ۽ پاڪستان ايماندار قيادت جي ڪري ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته قوم گڏجي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، وزيراعظم عمران خان دانشمنداڻا فيصلا ڪيا، قوم ذميواري جي احساس جو مظاهرو ڪيو، عالم سڳورن ۽ ميڊيا پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ انسپيڪٽر جنرل آف اسلام آباد پو??يس قاضي جميل الرحمان پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، گهرو سيڪريٽري، پو??يس جي اعليٰ عملدارن ۽ پو??يس شهيدن جي وارثن ۽ گهرڀاتين شرڪت ڪئي.