اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خي??رپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاق??ت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم کي ٻڌا??و ويو ته گومل زام ڊيم منصوبي سان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين پوکي جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪينال منصوبي جي ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪ??و وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ خي??رپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا جنهن سان 66 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.