اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان موجب وزيراعظم جي خاص مد??گار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا. ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ??ري??ي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. اڄ وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعدا?? 16 ??ي ويندو، آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ??ري??ي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ??ري??ي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي، هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو، احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکيو نه سمهي عطيا فنڊ به قائم آهي.