اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽ آرڊيننس فيڪٽري واهه جي شهيدن جي لاءِ رکيا ويا آهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان هوابازي واري وفاقي وزير غلام سر??ر خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۽ سول ايوي اي??ن اٿارٽي جي آپريشن ۽ ريگيوليٽري ڪردار کي جدا ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سر??ر خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽس آرڊيننس فيڪٽري واهه جي شهيدن جي لاءِ رکيا ويا آهن، ??نهن فليٽس جي قرعه اندازي جلد عمل ۾ آندي ويندي.