اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪاران کي ??رب??ت ڏيڻ جي ضرورت آ??ي، قدرتي آفتن ۾ متاثر??ن کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرنيشنل ف??ڊريشن آف ريڊ ڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ف??ڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر، اليگزينڊر ميٿيوس سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي انجمن هلال احمر پاڪستان جي چيئرمين ا??را??ر الحق به موجود هو. صدر عارف علوي چيو ته قدرتي آفتن کي مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪارن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آ??ي، قدرتي آفتن ۾ متاثر??ن کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرنيشنل ف??ڊريشن آف ريڊڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، هن چيو ته هلال احمر پاڪستان ڪورونا جي دوران عوام کي صحت جون سهولتون پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حڪومت جي ڪورونا جي دوران ڪامياب سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي ڪري صورتحال ضابطي ۾ رهي. صدر چيو ته حڪومت ڪورونا جي دوران ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فنڊ مختص ڪيا. صدر هلال احمر پاڪستان جي مدد فراهم ڪرڻ تي انٽرنيشنل ف??ڊريشن آف ريڊ ڪراس جي ڪردار کي ساراهيو.