اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? جي 76 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي و??يرن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان خاص طور تي ڪشمير ۽ افغانستان سميت عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اطمينان جوڳي رهي آهي. هن اها ڳالهه جنرل اسي??بل?? جي 76 هين سالياني اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهه جي حيثيت سان 5 ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي و??ير چيو ته هو سمجهي ٿو ته هاڻي عالمي برادري پاڪستان جي موقف کي بهتر ??نداز ۾ سمجهي رهي آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته وزيراعظم جنرل اسي??بل?? جي اجلاس کي هڪ عالمي مدبر جي حيثيت سان وسيع تر معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جو خطاب مثبت ۽ تعميري هو، خاص طور تي و??يراعظم افغانستان ۾ اشرف غني حڪومت جي خاتمي ۽ طالبان جي اقتدار ۾ واپسي جي پس منظر جا سبب ڳولڻ لاءِ چيو، وزيراعظم عالمي برادري آڏو ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي پروپئگنڊه جو پول کولي ڇڏيو ۽ تڪراري خطي جي حقيقي صورتحال واضح ڪري ڇڏي. وزيراعظم پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان انساني حقن جي منظم ۽ وسيع تر ??لاف ورزين جي حوالي سان موثر ۽ ثبوتن تي ٻڌل جاري ڪيل ڊوزيئر جو پڻ حوالو ڏنو آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ سان اجلاس جي نتيجن مان هو مطمئن آهي، ان اجلاس ۾ ترڪيءَ، سعودي عرب ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي و??يرن شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف کي و??جايو. پرڏيهي و??ير پنهنجي دوري دوران آمريڪي پرڏيهي و??ير انٿوني بلنڪن سان ملاقات سميت درجنين پرڏيهي و??يرن سان ملاقاتون ڪيون، آمريڪي پرڏيهي و??ير سان پرڏيهي و??ير هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ سوال تي پرڏيهي و??ير چيو ته آمريڪي پرڏيهي و??ير سان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي آهي ڇو ته ان ملاقات جو مقصد غلط فهمين کي ختم ڪرڻ هو. آمريڪي پرڏيهي و??ير اسان جو موقف تفصيل سان ٻڌو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي و??ير آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي شهرين جي افغانستان مان انخلا ۾ تعاون ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هڪ ٻئي سوال تي پرڏيهي و??ير چيو ته افغانستان ۾ حڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان ڏس ۾ هن تجويز ڏني ته طالبان کي انگيج ڪرڻ ۽ انهن کي ترغيب ڏيڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي و??ير چيو ته يونٽي فار ڪنسنسز جي و??ارتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جي ري اسٽرڪچرنگ اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجي، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل جي مسقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي مڪمل مخالفت ڪئي و??ي ۽ ان جي بدران غيرمستقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي ڏس ۾ بين الحڪومتي ڳالهيون (آءِ جي اين) ايندڙ مهيني شروع ٿينديون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير اسد مجيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.