ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب (ايف آئي او) جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته ايف آئي او شڪايت ڪندڙن کي انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي ۽ فوري انصاف فر??هم ڪرڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو آهي، وفاقي انشورنس محتسب ٻنهي ڌرين يعني انشورنس پاليسي هولڊرز ۽ انشورنس ڪمپنين جي رضامندي سان وڏي انگ ۾ شڪايتن کي حل ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي اهتمام هيٺ انشورنس انڊستري ۾ شفافيت جي اهميت جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گذريل سال ايف آئي او شڪايت ڪندڙن کي 410 ملين رپين جو مالياتي ريليف فر??هم ڪيو آهي ۽ هن سال مالياتي ريليف ۾ 2.13 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته مالياتي ريليف جا اهي انگ اکر ايندڙ سال 2.30 ارب رپين تائين وڌڻ جي اميد آهي. هن چيو ته شڪايت ڪندڙن کي تيز رفتار ۽ بنا معاوضي انصاف فر??هم ڪرڻ جي ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايف آئي او وٽ شڪايتن جي داخلا ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته شڪايتن جو ازالو 90 س??ڪڙو رهيو ۽ ڪل رجسٽرڊ ڪيسن مان 90 س??ڪڙو کان وڌيڪ ڪيسز 60 ڏينهن جي اندر اڪلايا ويا. عوام ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي حوالي سان گهٽ آگاهي تي هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل سان 4 کان 5 سيڪڙو ماڻهو هن اداري بابت ڄاڻين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن اداري ??اران ڏني ويندڙ خدمتن کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. صدر وفاقي انشورنس محتسب کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بدعنواني جي خلاف متاثر پاليسي هولڊرز کي وڌ کان وڌ ريليف فر??هم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته قومي جي ??ي پي ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو گهٽ آهي ۽ قومي ناڻي ۾ ان جو حصو وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪ مئنيجر ان اسڪيم تحت انشورنس پاليسين جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو آهي، جيڪو ان جي نوڪري جو حصو نه آهي. هن چيو ته اها به انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته بئنڪ مئنيجر معصوم صارفين کي ڦاسائڻ جي لاءِ انشورنس اسڪيمن بابت بئنڪنگ صارفين آڏو حقيقتن کي غلط بيان ڪري ??و. هن چيو ته هن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، اسٽيٽ بنڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي ۽ پاليسي هولڊرز کي دوکيبازي جي سرگرمين کان ب??ائ?? سگهجي. بعد ۾ صدر ڪليم سيٽلمينٽ جا چيڪ شڪايت ڪندڙن جي حوالي ڪيا.