اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي ل??ءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، پنجاب جي زراعت واري صوبائي وزير سيد حسين جهانيان گرديزي ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم چيو ??ه حڪومت زراعت جي شعبي جي مڪل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت آبادگارن جي معاونت سان ايندڙ سالن ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم گوجرانوالا ۽ اوڪاڙه جي ضلعن ۾ زرعي شعبي جي ترقي ل??ءِ بئنڪنگ سيڪٽر جي ترقياتي مالياتي پروگرا?? کي ساراهيو. اجلاس ۾ وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ??ه جي ڊي پي ۾ 19 سيڪڙو حصي سان گڏ زرعي شعبو تمام وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) يونٽس جي ل??ءِ خام مال فراهم ڪري ٿو، مجموع?? طور تي قومي معيشت ۾ زراعت جو اٽڪل 60 – 65 سيڪڙو حصو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايتڪئي ته اهي آبادگارن جي بنيادي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي فصل جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏين.