اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير 27 فيبروري 2019ع تي پاڪ فضائيه جي شاهينن جو نشانو بڻجندڙ ڀارتي مگ جهاز جي پائليٽ اڀي نندن کي ڀارت جي ٽئين سڀ کان وڏي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف نريندر مودي ئي ڪري سگهي ٿو. هن ڀارتي وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته هو احمقن جي جنت ۾ پنهنجو قيام ج??ري رکي. واضح رهي ته ڀارتي ص??ر رام ناٿ ڪووند سومر تي اڀينندن کي فيبروري 2019ع ۾ مبينه طور تي پاڪستاني فضائيه جو ايف 16 جهاز م??ري ڪيرائڻ تي ”وير چڪر“ ڏنو آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان ڀارتي دع??يٰ جي ترديد ڪري چڪو آهي ۽ آمريڪي اخبار فارن پاليسي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته آمريڪا جي دفاع و??ري کاتي جي اهلڪارن پاڪستان ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي آهي ۽ اهي تعداد ۾ پورا آهن، آمريڪي عملدارن پاران اهو بي??ن ان ڀارتي دع??يٰ کي مڪمل طور تي ڪوڙو ثابت ڪري چڪو هو.