اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آم??يڪي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طاهر جاويد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ آم??يڪا بزنس فورم جي چيئرمين حفيظ خان به ساڻس گڏ هو. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آم??يڪا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، معاشي سفارتڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، آم??يڪا سان ٻطرفي لاڳاپن ??ي خصوصي اهميت ڏي ٿو، اسان جي حڪومت، معاشي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اي ويزا سميت ڪيتريون ئي اهم سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. آم??يڪي ڪمپنيون انهن مراعتن مان فائدو کڻندي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ملاقات ۾ آم??يڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان به خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير آم??يڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ ڊيموڪريٽڪ اڳوڻ طاهر جاويد جي خدمتن کي ساراهيو. طاهر جاويد پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪندي کيس پاڪستان ۽ آم??يڪا جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.