اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي و??ير چيو ت?? پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت، تاريخ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي بنياد تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ت?? ٻنهي ڀائر ملڪن جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن هر مشڪل گهڙي ۾ هڪٻئي جي مدد ڪئي. مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو ت?? پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سعودي حڪومت جي تعاون کي قدر جي ن??اه?? سان ڏسون ٿا.