راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چي?? آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ??ريعا هر قسم جي چرپر جي لاءِ کوليا ويا آه??، ڪلڊنه باڙيان روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو وي?? آهي. آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي صورتحال تي ??اري تازي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل طور تي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد پهچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.