منڊي بهاءُ الدين – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عد?? اعتماد منٿن ۽ سازشن سان ناهي ايندو، مخالف ڌر ۾ اها سگهه نه آهي، اهي عد?? اعتماد نه ٿا آڻي سگهن، شهباز شريف، بلاول ۽ فضل الرحمان جي ڪا سياسي حيثيت نه آهي، پا??ست??ن جي عوام انهن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي، ملڪ انهن جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، مخالف ڌر مدرسي جي ٻارن جي زور تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ علائقائي پارٽيون بڻجي رهجي ويون آهن، پي ڊي ا??م کي لانگ مارچ جي لاءِ ڪنٽينر ڪرائي تي ڏئي سگهجي ٿو، نواز شريف ۽ مريم صفدر سزا يافته ڏوهاري آهن، مقصود چپڙاسي ڪيس به جلد شروع ٿيندو، اسان جي خواهش آهي ته اهي ڪيسز ماڻهن کي سڌوسنئون ڏيکاريا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم جي لاءِ تاريخي ترقياتي پئڪيجز ڏنا، اڄ انهن علائقن ۾ رستن ۽ يونيورسٽي جي تعمير سان ترقي جو هڪ نئون سفر شروع آهي. سرائي عالمگير کان منڊي بهاءُ الدين ۽ للا کان جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي سان علائقي ۾ مواصلاتي رابطن کي فروغ ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان هيلٿ ڪارڊ پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وچولي طبقي جي صحت جا خرچ هاڻي حڪومت پاڻ ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، جڏهن عمران خان حلف ورتو هو ته ان وقت اسان وٽ 60 ڏينهن جي درآمدات جي لاءِ پئسا نه هئا، اسحاق ??ار اينڊ ڪمپني جي ڪري ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو. اسان معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا، هن سال پا??ست??ن جي معيشت 5.37 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي آهي، پا??ست??ن جي انڊسٽري ۽ زرعي شعبو پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪڻڪ، مڪئي، ڪمند ۽ چانور جي بمپر پيداوار ٿي، پا??ست??ن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به زرعي شعبي کي ايتري سپورٽ نه ملي جيتري وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ آبادگارن کي ڏني آهي. هن چيو ته 1100 ارب رپيا اضافي ??رعي معيشت ۾ منتقل ٿيا، تعميراتي شعبي ۾ هزار ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي، اڄ آبادگار، مزدور ۽ مستري خوشحال آهن. هن چيو ته پا??ست??ن تحريڪ انصاف جي حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي هئي ته فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت بند هئي، اسان فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي بحال ڪيو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ اڄ نوڪريون وڌيڪ ۽ ورڪرز جو انگ گهٽ آهي، اتي ڪم ڪرڻ لاءِ ورڪرز نه ملي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن سال ٽيڪسٽائيل جي مشينري جي درآمد ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جڏهن ملڪ جون معاشي حالتون صحيح ٿين ٿيون ته مختلف سياسي چوها نڪري گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا، شهباز شريف، بلاول ۽ فضل الرحمان جي ڪا سياسي حيثيت نه آهي، پا??ست??ن جي عوام انهن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي. هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪڏهن مهانگائي آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته ملڪ انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو وڃي جن جي ڪري ملڪ معاشي مسئلن جو شڪار ٿيو. هن چيو ته اڄ پا??ست??ن استحڪام طرف گامزن آهي، پا??ست??ن جي عالمي سطح تي درجابندي ۾ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان تازو ئي چين جو ڪامياب دورو ڪيو، 23 سالن کانپوءِ ڪو وزيراعظم روس جي دوري تي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن به پا??ست??ن جي پرڏيهي پاليسي ۾ استحڪام اچڻ شروع ٿئي ٿو ته هتي ڪجهه ماڻهو ويهي عدم استحڪام جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏين ٿا، مخالف ڌر هر ٻن مهينن کانپوءِ عد?? اعتماد جي رٿ جهڙا بيان جاري ڪري ڇڏي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري ڀائرن جو سياسي ڊيرو آهي، اتي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ لڳل رهي ٿو، مخالف ڌر کي پي ايم ايل ڪيو کان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ملندو. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز تي ڪنهن چينل کي هلائڻ جي لاءِ دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهجي، ڪنهن صحافي کي بيروزگار نه ڪيو ويندو، صحافين جي روزگار کي تحفظ فراهم ڪنداسين. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي کي خبر آهي ته اها پاڻ ته 15 ماڻهو به نه ٿي ڪڍي سگهي، تنهن ڪري اها مدرسي جي ٻارن جي زور تي پنهنجي سياست ڪرڻ چاهي ٿي. بدقسمتي سان زرداري پيپلزپارٽي جو قد ننڍو ڪري ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جي عد?? اعتماد جي رٿ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عد?? اعتماد تڏهن ايندو آهي جڏهن توهان جي چيلهه ۾ سُور نه هجي ۽ توهان پنهنجي پيرن تي بيٺل هجو، منٿن ۽ سازشن سان عد?? اعتماد ناهي ايندو. هن چيو ته مخالف ڌر ۾ سگهه نه آهي، اهي عد?? اعتماد نه ٿا آڻي سگهن. پي ڊي ايم جي لانگ مارچ جي حوالي سان هن چيو ته پي ڊي ا??م کي لانگ مارچ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جو هڪ ڪنٽينر خالي پيل آهي، پي ڊي ا??م کي ڪرائي تي ڏئي سگهجي ٿو. بجلي جي قيمتن ۾ اضافي ??ي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي ??و وڏو سبب نواز شريف ۽ شهباز شريف جا لڳايل اهي پلانٽس آهن جن کان اسان بجلي خريد ڪريون يا نه ڪريون، انهن جي ادائيگي اسان کي ڪرڻي هوندي آهي. اڄ ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي ??و ذميوار نواز شريف آهي. اهي عالمي سطح تي اهڙا معاهدا ڪري ويا آهن جن جي ڪري اڄ بجلي جون قيمتون وڌي رهيون آهن.