اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪانگو ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هيلي ڪاٽر ڪريش ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ بلند در??ن جي دعا ڪئي. صدر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، صدر ليفٽينٽ ڪرنل آصف علي اعواڻ، ميجر فيضان علي، ميجر محمد سعد نعماني لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي، صدر نائب ??وبيدار سميع الله، ??والدار محمد اسماعيل، لانس حوالدار محمد جميل خان جي بلند در??ن لاءِ به دعا ڪئي، صدر شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.