اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيرا??ظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي حڪومت پاران سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم شهباز شريف برطانوي وزيرا??ظم بورس جانسن جي مبارڪباد واري ٽوئيٽ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان برطاني?? سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي وڏي پئماني تي مختلف معاملن ۾ تاريخي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيرا??ظم بهتر واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيرا??ظم برطانيا ۾ رهندڙ اٽڪل 1.6 ملين سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ ادا ڪيل پل جي ڪردار کي اجاگر ڪندي قانوني لڏپلاڻ جي شعبي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته ان حوالي سان موجود صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ تعيلم، صحت ۽ ٻين سماجي شعبن جي فروغ لاءِ برطانيا جي قدمن کي پڻ ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.