اسلام آباد – 27 – اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني مل??قات ڪئي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مل??قات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مل??قات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل تعاون ??ي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان مل??قات ڪئي. وفد ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، مذهبي معاملن وارو وزير مولانا عبدالشڪور، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وزير مولانا عبدالواسع ۽ سيفران وارو وزير سينيٽر محمد طلحه محمود شامل هئا. مل??قات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مل??قات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي اتفاق ڪيو ويو.