اسلام آباد – 10 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ايمل ولي خان جي سربراهي ۾ عوامي نيشنل پ??رٽ?? جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ عوامي نيشنل پ??رٽ?? جي تعاون جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سموريون سياسي پ??رٽ??ون گڏجي معيشت جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون.