اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) سومر ڏينهن بزنس?? انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت تي ناڻي واري وزارت پاران منعقد پري بجيٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان کي هن وقت ناڻي واڌ ۾ اضاف??، وڏي ٻاهرئين خساري، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ وڌند?? غيريقيني واري صورتحال جهڙا ڪيترائي معاشي چئلينجز درپيش آهن. ان کانسواءِ موجوده عالمي اقتصادي منظرنامو پڻ ملڪي اقتصادي منظرنامي جي لاءِ خدشا پيدا ڪري رهيو آهي. موجوده حڪومت جي ڪلي معيشت جي وڌندڙ عدم توازن تي ٻڌل هڪ اهڙي معيشت ورثي ۾ ملي آهي جنهن پاڪستان کي مالياتي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ موجوده حڪومت مختلف فوري قدمن ذريعي معيشت کي مضبوط بڻائڻ، قيمتن ۾ استحڪام ۽ ٻاهرئين ۽ مالياتي شعبن جي پائيداري کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختصر وقت ۾ قدم کنيا آهن. ناڻي واري وزارت موجب حڪومت ايندڙ مال?? سال 2023ع جو وفاقي ميزانيو تيار ڪري رهي آهي، بجيٽ سازي ۾ عوامي شرڪت ۽ شموليت جي ذريعي ترقي پسند، ترقياتي ۽ عوام دوست بجيٽ ٺاهڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. انهي ڏس ۾ موجوده حڪومت ڪاروباري شعب?? سان حصيداري جي خواهش رکي ٿي ته جيئن نئين وفاقي بجيٽ نجي ۽ ڪاروباري شعبي ۽ عوام جي اميدن جي عڪاس هجي. ناڻي واري وزارت موجب نجي شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. نجي ۽ ڪاروباري شعبي جي قيمتي راءِ ۽ تجويزن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ 7 جون 2022ع تي بزنس، زراعت ۽ آءِ ٽي تي هڪ پري بجيٽ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اها ڪانفرنس ناليوارن واپارين، زراعت جي ماهرن ۽ آءِ ٽي ماهرن کي غور فڪر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي ۽ ماهر ايندڙ بجيٽ ۾ آءِ ٽي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، ڪاروب??ر ۽ برآمدي شعبن بابت نوان خيال ۽ سفارشون پيش ڪندا. ڪانفرنس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف خطاب ڪندو. ناڻي واري وزارت موجب حڪومت هن مشڪل وقت ۾ معيشت کي اعليٰ، پائيد??ر ۽ ٺوس ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن کي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ٻڌل ٺوس بجيٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿي.