اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هاڻي ڳالهين جو نه عمل جو وقت آهي، گوادر جي تعمير ۽ ترقي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضامن آهي، بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ملڪ مان غربت ۽ بک جي خاتمي ۽ پائيدار امن جي بحالي ل??ءِ تمام ضروري آهي، گوادر سميت پوري بلوچستان کي ترقي جي سفر ۾ ٻين علائقن جي برابر ڪرڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستا?? ۽ ??وادر ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گوادر بندرگاهه پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ کانسواءِ دفاعي، سياسي ۽ معاشي ل??اظ کان عالمي واپار جي ل??ءِ انتهائي موزون ۽ اهم آهي، اسان کي ان بندرگاهه جي رستي ملڪ جي اترئين علائقن مان درآمدي سامان جي پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي، ان مقصد جي ل??ءِ گوادر مان ملڪ جي اترئين علائقن تائين رستن ۽ ريلوي ل??ئينن جي بهترين ۽ فعال نيٽ ورڪ جو هجڻ تمام ضروري آهي، اسان کي ڏينهن رات محنت سان ان ڏس ۾ ٿيندڙ مجرماڻي ڪوتاهين جو ازالو ڪرنو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي. وزيراعظم برآمدي شعبي جي ترقي ۽ عوام خاص طور تي گوادر جي ماڻهن جي ل??ءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ گوادر ۾ چيني سيڙپڪاري کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايتڪئي. هن ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ منصوبابندي واري سيڪريٽري کي چيني ڪمپنين جي وفد سان مشاورت سان خوراڪ، زراعت ۽ پيٽرو ڪيميڪلز ۾ سيڙپڪاري جي ل??ءِ عمل جوڳو پلان تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم کي چيف سيڪريٽري بلوچستان، سامونڊي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري، ريلوي واري سيڪريٽري، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي چيئرمي?? ۽ ??ائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني پاڪستان (سي او پي ايڇ سي) جي چيئرمين مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي چيئرمين سي پيڪ جي اوڀر ۽ اولهندي روٽس جي ذريعي گوادر جي ملڪ جي اترئين علائقن تائي?? پهچ بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم واپاري سامان جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ اين ايڇ اي، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ منصوبابندي واري وزارت کي عيد جي فوري پوءِ گڏيل جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سامونڊي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته گوادر پورٽ تي بريڪ واٽر پراجيڪٽ (مراعاتي معاهدن) تحت تعمير ٿيڻو هو. ان جي ل??ءِ 445 ملين ڊالر جي گرانٽ ۽ 484 ملين ڊالر جو قرض چيني حڪومت فراهم ڪيو آهي پر اهو منصوبو تعطل جو شڪا?? رهيو آهي. وزيراعظم ان مجرماڻي غفلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين کي هدايتڪ ئي ته هو ان پيشيواراڻي غفلت جي تحقيق ڪري هڪ هفتي ۾ ٺوس رپورٽ پيش ڪري. چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني پاڪستان جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته 1.2 ملين گيلن ڏهاڙي صلاحيت رکندڙ پلانٽ پاڪستان جلد پهچندو ۽ هن سال جي آخر تائين پيداوار شروع ڪري ڇڏيندو. چيف سيڪريٽري بلوچستان گوادر جي ل??ءِ شمسي توانائي جي منصوبي تي وزيراعظم کي بريف ڪندي چيو ته گوادر ۽ شهر جي 35500 خاندانن مان 31000 آن گرڊ جڏهن ته 4500 خاندان آف گرڊ آهن. آن گرڊ خاندانن جي بجلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ل??ءِ ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ڪيسڪو) ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي حصيداري سان بلڊ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (بي او ٽي) بنيادن تي مني سولر پارڪ لڳايو پيو وڃي، جنهن جي ل??ءِ نيپرا پاور پرچيز ايگريمينٽ جاري ڪندو جڏهن ته آف گرڊ خاندانن جي ل??ءِ 1.8 ارب رپين جي ل??ڳت سان ڪي وي 3 واريون سولر هوم اسٽيشنز لڳايون پيون وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي سڄو عمل شفاف ٽينڊرنگ ذريعي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته عوام جي سهولت کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن جي ل??ءِ آفٽر سيل سروس جي فراهمي کي سولر سسٽم مهيا ڪندڙ ڪمپني جي ذميوارين ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيف سيڪريٽري بلوچستان، سامونڊي معاملن واري سيڪريٽري ۽ منصوبابندي واري سيڪريٽري کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيف سيڪريٽري بلوچستان کي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ عملي جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ صوبي ۾ جاري سمورن ترقياتي ڪمن جي ميپنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن گهرو وزير ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حصيداري سان ٺوس سيڪيورٽي پلان جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي ڇو ته معاشي ترقي جو خواب پرامن ماحول پيدا ڪرڻ کانسواءِ شرمنده تعبير نه ٿو ٿي سگهي. ريلوي واري سيڪريٽري وزيراعظم کي گوادر ۽ ملڪ جي ٻين شهرن جي وچ ۾ رابطي بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ غيرموجود ريلوي ٽريڪ وڇائڻ بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان کي موثر بڻائڻ جي ل??ءِ سمورا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، سامونڊي معاملن واري وزير سيد فيصل سبزواري، توانائي واري وزير انجنيئر خرم دستگير، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.