اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قومي تراني جي شروعات ڪندو، پاڪستان جي 75 هين س??لگرهه تي سمورا پاڪستاني پرجوش آهن، اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين، اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي سالگرهه قومي جذبي سان ملهائي پئي وڃي. اها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڊيجيٽل فوٽوگرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن جو ??يڊيول جوڙيو ويو آهي. هن س??ل 75 هين س??لگرهه جي موقعي تي قومي تراني جي نئين س?? رڪ??رڊ??گ مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن جو پرومو اڄ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته 1954ع ۾ قومي ترانو پهريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو هو، ان کانپوءِ ان ۾ جدت آندي ويندي رهي. هن چيو ته نئين س?? رڪارڊ قومي ترانو پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ مان آرٽسٽن گڏجي ڳايو آهي. هن ٻڌايو ته قومي تراني جي رڪ??رڊ??گ جو ڪم 2017ع ۾ شروع ٿيو هو، گذريل حڪومت ۾ به ان تي ڪم جاري رهيو، گذريل چئن مهينن کان ان تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي نئين س?? رڪارڊ ڪيل قومي ترانو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ رليز ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، هن ڀيري پاڪستان جي 75 هين س??لگرهه ملهائڻ ۾ نوجوانن سميت هر پاڪستاني پرجوش آهي. ڪافي ٽ??بل بڪ جي ڊيجيٽل لانچ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪافي ٽ??بل بڪ ?? پاڪستان جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي، ڪو به شخص ڪافي ٽ??بل بڪ کي پنهنجي موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪافي ٽ??بل بڪ کي ڪيو آر ڪوڊ سان لنڪ ڪيو ويو آهي، موبائيل فون جي ذريعي ڪيو آر کي اسڪين ڪري ڪافي ٽ??بل بڪ کي ڏسي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي 75 هين س??لگرهه تي اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ان ڏينهن پاڪستان ٽيليويزن ضرور ڏسي، قومي چينل تي پاڪستان ڪهاڻي جي نالي سان مختلف سيريز پيش ڪيون پيون وڃن، انهن سيريز ۾ ملڪي تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تي اهي سموريون اسٽوريز ٻارن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن جن ?? پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين جو ??ڪر آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين س??لگرهه جي حوالي سان روزانو جون س??گرميون پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ڪيون پيون وڃن، 75 سالا تقريبن ?? پاڪستان جي اندر ٽيڪنالاجي، ماس ٽرانزٽ، ڪنيڪٽيويٽي، پاڪستان هڪ ائٽمي قوت جي حوالي سان سمورين شين کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 سالا تقريبن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پڻ مهم جاري آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ اسان هر ڏينهن س??گرمين کي اجاگر ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊيجيٽل تصويري نمائش منعقد ڪرڻ کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي مبارڪباد پيش ڪئي. واضح رهي ته نمائش جو ??نعقاد ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا جن ڊيجيٽل تصويري نمائش جو ??ائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪافي ٽ??بل بڪ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب ?? پاڪستان جي آزادي جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.