ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن سميت سمورن ضلعن ۽ ڊويزن هيڊڪوارٽرز ۾ جشن آزادي جون خصوصي تقريبون منع??د ڪيون ويون. ڪوئيٽا، ڊيره مراد جمالي، جعفر آباد، جهل مگسي، سبي، ڪوهلو، ڊيره بگٽي، ڊيره الهه يار، اوستا مح??د، تربت، گوادر، زوب، قلعه عبدالله، چمن، حب، ??ضد??ر، سوراب، مڪران، ڪڇي، ڍاڍڙ، صحبت پور، هرنا??ي، زيارت، پشين، گلستان، خانوز??ي، هنه اوڊڪ، دشت سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون منع??د ڪيون ويون جتي شرڪت ڪندڙن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.