اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ عوام کي بجلي فراهمي ۾ ريليف ڏي?? جي لاءِ مهانگي درآمدي تيل بدران سج جي روشني سا?? بجلي پيدا ڪر?? جي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عوام کي بجلي جي معاملي تي ريليف ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ مان مهانگو تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ بدران سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت جي لاءِ وڏو ۽ بنيادي قدم کنيو آهي، جنهن سا?? پاڪستان اربين ڊالرن جي بچت ڪري سگهندو. منصوبي تحت مهانگي درآمدي ٻارڻ (ڊيزل ۽ فرنس آئل) جي جڳهه تي سولر پاور مان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري عمارتن، بجلي ۽ ڊيزل سا?? هلندڙ ٽيوب ويلز ۽ گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي سج جي روشني سا?? پيدا ٿيندڙ بجلي ڏني ويندي. وزيراعظم سولر پاور پلانٽ جي جلد تعمير جي به هدايت ڪئي آهي. گرمين جي ايندڙ موسم شروع ٿيڻ تائين عوام کي بجلي جي فراهمي ۾ خاطرخواهه ريليف فراهم ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايندڙ هفتي سڀني لاڳاپيل ماڻهن جي واڪ کان اڳ پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرائ?? جي به هدايت ڪئي آهي.