گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو اعلان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ ڪيو ??يو انهي پيڪيج تي گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن ج?? بحالي لاءِ سروي سڀ کان پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو اعلان ڪيو ??يو آ??ي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪيو ??يو آ??ي، هن چيو ته ٻيو ??رحلو ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ آ??ي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ڇڏيو آ??ي، متاثرن کي عارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گهرن ۾ منتقل ڪيو ??يو آهي يا ڪيو ??يندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن ج?? بحالي جو آ??ي، ان مرحلي ۾ متاثر علائقن جو تفصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آ??ي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آهي ان لاءِ سروي پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪيو ??يندو. هن چيو ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو.