اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا چيو آه?? ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو قائداڻو ڪردار اهم??ت رکندڙ آهي، ملڪي افرادي قوت ۾ عورتن جي شموليت سان قومي معيشت ۾ 25 سيڪڙو جو ساليانو اضافو ٿي سگهي ٿو. بين الپارلياماني يونين ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جي پلينري سيشن کي خطاب ڪندي ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو قائداڻو ڪردار اهم??ت رکندڙ آهي، ملڪي افرادي قوت ۾ عورتن جي شموليت سان قومي معيشت ۾ 25 سيڪڙو جو ساليانو اضافو ٿي سگهي ٿو ڇو ته اقتصادي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ عورتن جو ڪردار اهم??ت رکندڙ آهي. مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ته صنفي برابري جي اشارن ۾ پاڪستان جي درجابندي گهٽ آهي جڏهن ته هاڻي بلندي طرف سفر شروع ٿيو آهي، پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيون آهن، پاڪستان ۾ عورتون انهن شعبن ۾ به داخل ٿي رهيون آهن جيڪي ماضي ۾ مردن جي لاءِ مخصوص هئا، هاڻي عورتون پائليٽ، ماهر معاشيات ۽ سياست جي ميدان ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون ??هن. هن چيو ته افرادي قوت ۾ عورتن جي موثر شموليت جي لاءِ ضروري آه?? ته انهن کي موقعا فراهم ڪيا وڇن ۽ موقعا قانوني رستو اختيار ڪرڻ سان فراهم ڪري سگهجن ٿا، پاڪستان سميت خطي جي ملڪن ۾ ان حوالي سان قانونسازي ٿي رهي آهي، ان عمل ۾ اسان کي هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.