اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ اڱاري تي چين روانو ٿيندو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ وزي??اع??م شهباز شريف جو چين جو اهو پهريون دورو آهي. وزي??اع??م شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزي??اع??م لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽئين ڀيري جنرل سيڪريٽري چونڊڻ کان پوءِ وزي??اع??م شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. ان دوري ۾ وزي??اع??م شهباز شريف سان گڏ اعلي سطحي وفد به گڏ هوندو. وزي??اع??م شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙي آهي. وزي??اع??م چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزي??اع??م لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پُڻ ڪئي ويندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي جي اميد آهي. دوري جي دوران مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو يارهُون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.