شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??وسمياتي تبديلي جو ??ار برابري جي بنياد تي نه منصفاڻي طور تي ورڇ ٿيڻ گهرجي، هي موسمياتي انصاف جو معاملو آهي، موسمياتي تبديلي جا اثر سڀ کان ??ڌي?? ڪمزور طبقي تي پون ٿا، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 4410 ملين ايڪڙ زرعي زمي?? کي نقصان پهتو آهي، اٽڪل 40 لک ٻار?? کي صحت جي خدمتن تائين پهچ حاصل نه آهي، موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم نه کنيا ويا ته دنيا ۾ 2050ع تائين 216 ملين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ناروي جي وزيراعظم جوناس گهرسٽور سان گڏ موسمياتي تبديلي ۽ ڪمزور ڪميونٽيز جي استحڪام جي موضوع تي ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته ??وسمياتي تبديلي هن ڏهاڪي جو ??هم بحران آهي ۽ اسان ان جي خلاف پنهنجي گڏيل ويڙهه جي تاريخي لمحي ۾ آهيون. اسان وٽ خاص طور تي اهڙن ملڪن ۽ ڪميونٽيز جيڪي انتهائي خطري ۾ آهن، جي لاءِ ڪا ٻي زمين نه آهي. هن چيو ته ??اڻي اها هڪ مڃيل سائنسي حقيقت آهي ته ??وسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ اسان جي منصوبابندي کان ڪيترائي ڀيرا ??ڌي?? تيزي سان ٿي رهي آهي، اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته اسرندڙ يا گهٽ ترقي يافته ??لڪ ۽ ڪميونٽيز جيڪي فرنٽ لائين تي آهن، کي مدد جي ضرورت آهي، ڪيترائي ملڪ خاص طور تي آفريقي ملڪ جيڪي تباهي آڻيندڙ سوڪهڙي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪمزور قومن جي گروپ ۾ اچن ٿا، پوءِ به اسان وانگر گهٽ اخراج وارا ملڪ زندگي ۽ روزگار جي حوالي سان تبديل ٿيندڙ خطر?? کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ??نهنجو پنهنجو ملڪ به ان صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت به اهڙي طرح جي ڪيفيت اسا?? کي درپيش آهي، پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ تيزي سان اسان جي ذهن?? کي ان ڳالهه تي مرڪوز ڪري ڇڏيو آهي ته اهڙي طرح جي موسمياتي تبديلي جا اثر سڀ کان ??ڌي?? ڪمزور طبقي تي پون ٿا. وزيراعظم چيو ته جيئن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا، موسمياتي تبديلي ۽ تڪرار عورتن ۽ ٻارن سان گڏوگڏ غريب ترين ماڻه?? کي پڻ متاثر ڪن ٿا. ٻوڏ کان متاثر 33 ملين ماڻهن مان اڌ کان ??ڌي?? انگ عورتن ۽ ٻارن جو ??هي جن مان 6 لک 50 هزار حاملا عورتون کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اسان جي آبادگارن ۽ چوپايو مال پاليندڙن جو ??نهن جي اکين آڏو روزگار تباهه ٿي ويو. 4410 ملين ايڪڙ زرعي زمي?? کي نقصان پهتو آهي، سنڌ ۾ ڪپهه جي پوري فصل ختم ٿي وئي آهي. اٽڪل 40 لک ٻار?? کي صحت جي سهولتن تائين پهچ نه آهي. هن چيو ته اڪثر موسمياتي آفتون خاص طور تي ٻوڏ ۽ ان کانپوءِ صحت جهڙا مسئلا جنم وٺن ٿا جن ۾ جسماني ۽ ذهني صحت ٻئي شامل آهن. متاثر علائقن جي دوري دوران ڪئمپن ۾ مشڪلاتن جو ??ڪار ماڻه?? کي ڏٺو آهي ۽ هڪ هفتو اڳ تائين 82 لک ماڻه?? کي صحت جي خدمتن جي فوري ضرورت هئي. آئون سمجهان ٿو ته اهڙي طرح جي صحت جي هنگامي صورتحال هن براعظم ۾ به عام آهي ۽ هتي سڀني کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته اهي شديد موسم?? بشمول سوڪهڙي جي ڪري وڌن ٿا ۽ اهو نئون معمول نه بڻجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته انسانيت موسمياتي تبديلي جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، قابل قبول موسمياتي تبديلي جي حد اڳ ۾ ئي عبور ٿي چڪي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو يقينن پاڪستان ۾ نه رهندو ۽ ان جو ??بوت نائجيريا ۽ ڏکڻ سوڊان ۾ موسمياتي تبديلين جي تازي اثرن مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ جو ??ندازو آهي ته جيڪڏهن اسان موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هاڻي قدم نه کنيا ته 2050ع تائين 216 ملين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا. هن چيو ته ??اڪستان ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته ??ٺتي پيل، معذور، غريب ۽ سماجي طور تي ڪمزور ماڻهن جي زندگين تي موسمياتي تبديلي جا گهرا اثر پون ٿا. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ۾ تمام گهڻي انگ ۾ گليشيئرز موجود آهن ۽ برف پگهرڻ جي سراسري شرح ٽي سيڪڙو آهي. پاڪستان حڪومت 2018ع ۾ ڪل پروٽيڪٽيڊ ايرياز کي 12 سيڪڙو مان وڌائي 2023ع تائين 15 سيڪڙو ڪرڻ جي مقصد سان گڏ ”محفوظ علائقن جا قدم“ جي شروعات ڪئي ۽ اهو هدف حاصل ڪيو ويو. هي ڪانفرنس انسانيت جي حوالي سان هڪ اهم موقعي تي ٿي رهي آهي. اسا?? کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جو مسئلو فوري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي جو ??ار برابري جي بنياد تي نه منصفاڻي طور تي ورڇ ٿيڻ گهرجي. اهو موسمياتي انصاف جو معاملو آهي، اسا?? کي گهرجي ته ان موقعي کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي سڀ کان ڪمزور قومن جي مستقبل کي محفوظ بڻايون.