اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته 9 جنوري ي ٿيندڙ جنيوا ڪانفرنس پاڪستا?? کي موسمياتي لحاظ کان هڪ مضبوط ملڪ بڻجڻ طرف وڌڻ جي لاءِ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندي. سال 2022ع جي لاءِ ايوان صدر جي جائزه دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ٻوڏ جي ڪري موسمياتي تباهي سان بري طرح متاثر ٿيو آهي ۽ ا?? کي اربين ڊالر جو نقصان کڻڻو پيو. هن ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحال?? جي سرگرمين ۾ دوست ملڪن، هٿياربند فوج، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سول انتظاميا جي تعاو?? کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تمام وڌيڪ نقصان ٿيو جيئن ته ميلن تائين زمين اڃا به پاڻي ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو آبادي معذوري جو شڪار آهي، خاص طور تي معذور ماڻه?? کي مرڪزي ڌارا جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ٻار?? کي خصوصي ماڻهن سان همدردي جو سلوڪ ڪرڻ سکڻ گهرجي. انهن خصوصي ٻار?? کي مناسب تعليم ۽ روزگار ڏنو وڃي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ ٻين تي دارومدار کانسواءِ زندگي گذاري سگهن. صدر خصوصي ماڻهن جي حقن بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عورت?? کي بااختيار بڻائڻ بابت ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورت?? کي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن ۽ جڏهن اهي گهرن کان ٻاهر نڪرن ته انه?? کي هراسمينٽ کان بچايو وڃي. هن چيو ته پيغمبر اسلام (ص)، قائداعظم ۽ علامه اقبال عورتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اسلام پهريون ڀيرو عورت?? کي جائيداد جا حق ڏنا، عورت?? کي تعليم جو حق ملڻ گهرجي ۽ انه?? کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ عورتن جي تعليم تي لاڳو پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون هاڻي آن لائين بئنڪ اڪائونٽس کولي سگهن ٿيون ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڪيش سڌوسنئون انهن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ وڃي رهي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي عورت?? کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار آهي. صدر چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاه?? جي لاءِ انهن جي مهم نتيجاخيز رهي ۽ ماڻهو هاڻي ان بيماري بابت ڳالهه ڪرڻ لڳا آهن. هن چيو ته هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي هڪ سروي موجب هن وقت ملڪ ۾ 24 سيڪڙو ماڻهو دماغي صحت جي مسئلن جو شڪار آهن، دماغي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ هنگامي ذهني صحت جي هيلپ لائين قائم ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته هن وفاقي محتسب پاران وفاقي حڪومت جي کاتن جي خلاف ان وٽ موڪليل ڪيترين ئي شڪايت?? کي حل ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي شعبي ۾ شاگرد?? کي تربيت ڏئي تمام گهڻي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستا?? کي غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ استحڪام ۽ مستقبل جي حوالي سان دورانديش حڪومت جي ضرورت آهي، هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي حڪومتي پروگرامن مان تربيت جي لاءِ فائدو حاصل ڪن. صدر چيو ته کيس يقين آهي ته پاڪستان ۾ پولنگ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??نو?? ئي واحد حل آهي، عوام سياست ۾ ڀرپور حصو وٺي، ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي ۽ ايندڙ حڪومت کي مضبوط ڪري. هن چيو ته پاڪستا?? کي سياسي پولرائيزيشن ۽ سياسي روادار?? جي کوٽ جو بحران درپيش آهي. منهنجو هدف سياسي درجه حرات کي گهٽ ڪرڻ آهي ۽ اسا?? کي چونڊن طرف وڌڻ گهرجي. مون چونڊن ۽ معيشت جي مسئلن تي سمورين ڌر??ن سان مفاهمت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستا?? کي معاشي دٻاءُ درپيش آهي جنهن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ اوڳاڙين ۾ گهٽتائي شامل آهي. صدر معاشري ۾ تعليم، خانداني قدرن، سخاوت ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.