اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي روسي هم م??صب سرگئي لاروف سان سومر تي باضابطه ملاقات ڪندو. ان کان اڳ پاڪستان جو پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهتو. پرڏيهي آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو روس جي پرڏيهي وزارت جي اعلي عهديدارن، روس ۾ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان ۽ سفارتخاني جي ٻين عملدارن آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اهو دورو روسي هم م??صب سرگئي لاروف جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ اڄ باضابطه ملاقات ٿيندي.