اسلام آباد – 16 – ف??بر??ري (اي پي پي) پاڪس??ان چيو آهي ته هو شديد زلزلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ ترڪيه ۽ شام سان ڪم جاري رکندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 ف??بر??ري جي شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار جي لاءِ ترڪيه جو 2 ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي، وزيراعظم ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پرڏيهي آفيس ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم ترڪيه جي دوري دوران هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪس??ان جي تعاون ۽ جاري امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ کي پڻ ورجائيندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن چيو ته پاڪس??ان تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ترڪيه ۽ شام جي لاءِ امداد جي فراهمي جي ڪم کي متحرڪ ڪيو آهي، 15 ف??بر??ري تائين ترڪيه جي لاءِ پاڪس??ان پاران انساني همدرديءَ تحت 12 اڏامون موڪليون ويون آهن جڏهن ته اين ايل سي جون 21 ٽرڪون رستي ذريعي امدادي سامان کڻي ترڪيه جي لاءِ روانيون ڪيون ويون آهن. ترجمان چيو ته شام جي لاءِ امدادي سامان کڻي 2 اڏامن ۽ 12 ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان رستي ذريعي روانو ڪيو ويو آهي، 85 رڪني اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم هن وقت ترڪيه ۾ ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته 10 رڪني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم ۽ 10 رڪني ميڊيڪل ٽيم شام ۾ امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٽرين ۽ سمنڊ جي ذريعي اضافي امداد موڪلي پئي وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪس??ان جون ڪيتريون ئي نجي ۽ خيراتي تنظيمون ۽ ماڻهو ترڪيه ۽ شام جي ڀائر عوام جي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو وجهي رهيا آهن. ترجمان چيو ته اسان خاص طور تي ان گمنام پاڪستاني جا ٿورائتا آهيون جنهن ترڪيه ۾ متاثرين جي امداد لاءِ 30 مل??ن آمريڪي ڊالر جو تعاون ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان آفتن کانپوءِ جي بحالي ۽ نئين سر تعمير مرحلن ۾ ترڪيه ۽ شام سان گڏ ڪم جاري رکندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 20 ف??بر??ري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري تي آهي، پرڏيهي وزير سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ گول ميز مباحثن سميت ڪيترن ئي پرامن ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصبن ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، پرڏيهي وزير جرمني جي دوري کانپوءِ لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي سرڪاري دوري تي لٿوانيا ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 20 کان 21 ف??بر??ري تي ولنيئس ۾ پرڏيهي وزير گ??بر??ليس لينڊ سبرگس سان وسيع معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ لٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو، ڌريون ٻطرفي سياسي مشاورت جي قيام بابت مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا، دوري جي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 کان 22 ف??بر??ري تائين هنگي جو دورو ڪندو ۽ هنگري جي هم منصب پيٽر سيجارٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ڳالهه ٻولهه ۾ ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور فڪر ڪندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير ٻطرفي تعاون بابت ٻن مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪندا جن مان هڪ سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون ۽ ٻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين ۽ تعليم بابت هوندي. ترجمان چيو ته انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪس??ان ۾ آهي. هن وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون آهن، انهن ملاقاتن دوران آءِ اي ??ي اي ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ صحت، زراعت، صنعت، جوهري دوائن ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته پاڪس??ان ايجنسي جي مختلف منصوبن ۽ پروگرامن جي لاءِ مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي ڪم جي لاءِ تعاون ۽ تعاون کي وڌائڻ جي اسان جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڊي جي آءِ اي ??ي اي پاڪس??ان نيوڪليئر ميڊيسن آنڪولوجي اينڊريڊيو ٿراپي انسٽيٽيوشن (نوري) ۽ چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ جو دورو ڪيو جتي هن استعمال ٿيل ٻارڻ کي محفوظ طريقي سان سنڀالڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان جي استعمال فيول ڊرائي اسٽوريج جي سهولت جو افتتاح ڪيو. هن پاڪس??ان سينٽر آف ايڪسي لينس ان نيوڪليئر سيڪيورٽي جو پڻ دورو ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪس??ان ۽ آءِ اي ??ي اي فصل جي نئين وڌيڪ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي خلاف مزاحمت ڪندڙ قسمن تي تحقيق جي سلسلي ۾ تعاون ۾ اضافو ڪندا. پاڪس??ان آءِ اي ??ي اي ??ي ”ري آف هوپ“ پروگرام ۾ علائقائي مرڪز جي طور تي پاڙيسري ملڪن جي مدد ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دفاعي ڳالهين جو ٻيو دور هن وقت واشنگٽن ڊي سي ۾ جاري آهي، پاڪس??ان جي وفد جي قيادت چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد ڪري رهيو آهي جڏهن ته آمريڪي وفد جي قيادت آمريڪا جي انڊوپيسيفڪ سيڪيورٽي معاملن بابت دفاع واري وقتي اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر ايلي رتنيو ڪري رهيو آهي. ڳالهين جي ايجنڊا ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ وسيع تر علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه سميت ڪيترائي معاملا شامل آهن. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ 16 کان 18 ف??بر??ري تائين هڪ انٽر ايجنسي وفد سان گڏ پاڪس??ان جو دورو ڪري رهيو آهي، هو اسلام آباد ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪندو، ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي رابطن جي عمل تي ڌيان ڏنو ويندو جنهن کي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، صاف توانائي، صحت، سلامتي، تعليم ۽ ٻين گڏيل ترجيحن ۾ اداراجاتي شڪل ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي تي آمريڪا سان ڊگهي مدي واري تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.