اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ان??اني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان ??ڏي پئماني تي ان??اني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل علائقي ۾ نوجوان ??شم??ري شمس الدين ولد جمال الدين اڌم پور جي هڪ جاچ مرڪز ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو، جنهن کي اٽڪل هڪ مهينو اڳ گهر مان گرفتاري کانپوءِ مسلسل ??شدد جو نشانو بڻايو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته شمس الدين گم ٿيل پهريون ??شم??ري نوجوان نه آهي ۽ نه اهو ان??اني حقن جي پائمالي جو پهريون واقعو آهي. هن چيو ته والاريل ??شم??ر ۾ نوجوانن کي هراست دوران ۽ فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان والاريل ??شم??ر ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين بابت پنهنجي خدشن ??و اظهار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي غيرانساني ڪاررواين ۽ ان??اني حقن جي خلاف ورزين جي ذميوارن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. ترجمان ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??ي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ??شم??رين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.