اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سمورين مشڪلاتن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، جهڙي طرح سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو احترام ۽ بر??اشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برقرار رهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن وارين تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ بر??اشت کانسواءِ هڪٻئي جو احترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام جو بنياد آهي، منهنجي دعا آهي ته هي ماحول جيڪو هتي نظر آيو اهو سدائين قائم ۽ دائم رهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهي، رابطا ۽ شفافيت پارليامينٽ لاءِ اهميت رکندڙ آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سا?? وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿيندي، سينيٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي ??رڪت بهترين قدم آهي، ان سا?? عوام جو پارلياماني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته هي جمهوريت، پارليامينٽ، قانونسازن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ وقت آهي ان سا?? گڏوگڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت آهي، هن چيو ته 50 سا?? اڳ هن سينيٽ جو قيام پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب آهي ۽ ان سا?? وفاق پاڪستان ??ي استحڪام مليو، هن چيو ته موجوده چيئرمين سا?? گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ڏيون ٿا جنهن وفاق کي درپيش مسئلن جو هتي ذڪر ڪيو. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل پنهنجي سا??هون نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي محبوب وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي، ڪلمي ??ي بنياد تي حاصل ٿيل ملڪ ??ي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.