اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??رڪ??ھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ??هباز شريف ??رڪ??ھ جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين دول?? باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??هباز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي م??ارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم ??هباز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??هباز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وزيراعظم ??هباز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي م??رڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم ??هباز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ??ي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.