اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪي??يئ?? جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان لرننگ ڪانفرنس بهترين عالمي طريقن موجب ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته ٻار پنهنجي تعليمي سفر جي شروعاتي مرحلي ۾ سماجي طرز عمل جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کي اختيار ڪن ٿا. پاڪستان لرننگ ڪانفرنس 2023ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد ٻارن کي عالمي طريقن موجب بااختيار بڻائڻ جي لاءِ بنياد فر??هم ڪرڻ آهي. ??زي??اعظم چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مختلف پس منظر سان تعلق رکندڙ اسڪالرز ۽ پاليسي سازن جي مختلف موقف کي ٻڌڻ جو تمام گهڻو خواهشمند هو پر پيرس ۾ عالمي مالياتي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪري ائين نه ڪري سگهندس جڏهن ته هو ڪانفرنس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر ۽ خوشگوار مستقبل جي تعمير جي لاءِ ان جي سفارشن جو منتظر آهي.