اسل??م آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل ??هيان جي ڀاءُ شي?? سعيد بن زايد آل ??هيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات، شاهي خاندان ۽ يو اي اي جي عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته ا??له تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي.