اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس آن لائين فارم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير صحافين جي جو آن لائين رجسٽريشن فارم جاري ڪيو، جيڪو اطلاعات واري و??ار?? ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. صحافي آن لائين هيلٿ انشورنس فارم ذريعي پنهنجي رجسٽريشن ڪري سگهن??ا. ??ن موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبش?? حسن سميت صحافي به موجود هئا. صحافين کي صحت جي اها سهولت پرائ??م منسٽر هيلٿ انشورنس اسڪ??م ميڊيا ورڪرز اينڊ جرنلسٽس 2023ع تحت ڏني پئي وڃي. جنهن جي لاءِ حڪومت وفاقي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جي وڏي رقم رکي آهي. ان اسڪيم سان سڄي ملڪ جا صحافي لاڀ پرائي سگهن??ا. ??ن جي لاءِ پريس ڪلب ڪارڪن هجڻ لازمي نه آهي، آن لائين رجسٽريشن فارم جاري ڪرڻ کي مڪمل بڻائڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان، پي آءِ او مبش?? حسن ۽ اطلاعات واري و??ار?? جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.