اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا تنظيمن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري ??دم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري ??گران ??فاقي وزير م??تضيٰ سولنگي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آفيسر طارق محمود خان ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد عاصم کچي به موجود هُئا. نگران ??زيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان ??وجب ملاقات ۾ اي پي اين ايس، سي پي اين اي اخباري صنعت جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران ??زيراعظم هدايت ڪئي ته ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن. نگران ??زيراعظم چيو ته ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، حڪومت اظهار جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. ميڊيا تنظيمن سان ??لاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري ??دم کنيا ويندا.