ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪي معيشت کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪاروباري طبقي کي بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تحت 25 بهترين ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران ??زيراعظم چيو ته شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڪمپنين کي مبارڪباد ڏيان ??و، اميد آهي ته مستقبل ۾ انهن ڪمپنين جي انگ ۾ اضا??و ٿيندو، انهن ڪمپنين ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪيو آهي ۽ وڏي پئماني تي روزگار جا موقعا پيدا ??يا آهن. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي، اها تاريخي ڪاميابي ملڪ ۾ وڌيڪ سڌارن جي اڳڪٿي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو اضا??و ٿيو آهي، اسان کي ان شاندار ڪاميابي جي تسلسل کي جاري رکڻو آهي. هن چيو ته ڪاروباري اڳواڻن کي ڊيجيٽل انقلاب ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ??ائدي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نگران حڪومت اسمگلنگ، ذخيره اندوزي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا آهن، ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان اي سي او سميت ٻين اهم فورمز جو اهم حصيدار آهي، پاڪستان جي لاءِ آفريقي ملڪن، خطي ۽ ان کان ??اهر واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، عالمي منڊين کي نظر ۾ رکندي پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات تيار ڪن، ڪاروباري ماڻهو ٻاهرئين ملڪ منڊين ۾ پهچ ۽ ڪاميابي کي پنهنجو هدف بڻائين، اسان کي مستقبل م چين ۾ ايندڙ وڏي سيڙپڪاري مان ??ائدو کڻڻ جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي سان عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران ??زيراعظم چيو ته ايس آءِ ايف سي جو قيام اهم سنگ ميل آهي، ان سان ??ڏي پئماني تي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي، غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري دوست ماحول مان ??ائدو کڻڻ گهرجي، نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي ڀليڪار چونداسين، رخ جي درستگي سان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، خواهش آهي ته اهڙا قدم کڻون جن سان ايند?? حڪومت جي لاءِ آسانيون پيدا ٿين. هن چيو ته هر شعبي کي پنهنجي صلاحيت استعمال ۾ آڻڻ سان ڪاميابيون حاصل ٿينديون، ملڪ جي خوشحال مستقبل جي لاءِ پراميد آهيان. هن چيو ته وڏين ڪمپنين کي فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري نگران ??فاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته اسان ??لڪي معيشت کي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ڪاروبار سان ??اڳيل سمورن ادارن جي تعاون سان ??اڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪاميابي حاصل ڪئي، 2023ع ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو اضا??و ٿيو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سڌارن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو. هن چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا آيا آهن، ملڪي مفاد ۾ مشڪل فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار ۾ بهتري جي لاءِ درآمدات تان ??ابندي کنئي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اسلامڪ فنانس جي شموليت جا مثبت نتيجا سامهون آيا، پي ايس ايڪس جو شمار دنيا جي بهترين اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ ٿي رهيو آهي، ان سان ??لڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملي رهي آهي. ان ??وقعي تي نگران ??زيراعظم اسٽاڪ ايڪسچينج تحت 25 بهترين ڪمپنين ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ??يسوري ۽ سنڌ جي نگران ??ڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پڻ شرڪت ڪئي.